اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته آزادي جي ڏهاڙي تي ان عزم کي ورجائڻو پوندو ته پنهنجي ۽ ايندڙ نسل جي مستقبل جي تحفظ لاءِ هڪ ٿي پاڪستان جي بانين جي نقش قدم تي هلندي اونداهين جو خاتمو ڪنداسين ۽ روشنين کي پنهنجو مقدر بڻائينداسين. صدر اها ڳالهه آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نا??ي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي. صدر چيو ته 14 آگسٽ کي اسان پنهنجي آزادي جو ڏهاڙو هڪ نئين ج??ش ۽ ولولي سان ملهائي ??هي?? آهيون ۽ اسان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته اسان جو اهو ج??ش ۽ ولولو ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي لاءِ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي استحڪام جو رستو هموار ??ند??. صدر چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ ڪيترين ئي آزمائشن ۾ ورت?? رهيو آهي پر قوم پنهنجي پڪي عزم سان انهن مشڪلاتن کي منهن ڏنو، پاڪستان حڪومت ملڪ جي مختلف خطن، علائقن ۽ شهرن کي بدامني، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور سياسي عزم سان ڪارروائي جو فيصلو ڪيو جنهن تحت پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻيا ادارا موثر ڪردار ادا ڪري ??هي?? آهن جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ امن بحال ٿي رهيو آهي.
صدر ممنون حسين جو 14 آگسٽ جي ڏهاڙي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار