اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي وز??ر مراد سعيد چيو آهي ته پي ڊي ايم جا جلسا ناڪام ٿي چڪ?? آهن. پشاو?? جلسي ۽ گلگت بلتستان ۾ ناڪامي جي ڪري اپوزيشن وائڙپ جو شڪار آهي، سموري قوم ڄاڻي ٿي ته مخالف ملڪي مفاد ۾ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اڳوڻن حڪمرانن ملڪ ۾ هڪ به اهڙو اسپتال نه ٺهرايو جتي هو پنهنجو علاج ??رائي سگهن. اسان کي حڪومت ملڪي ته معيشت آءِ سي يو ۾ هئي. وز??راعظم عمران خان جي بهترين حڪمت عملي سبب ڪورونا جي پهرين لهر تي اثرائتي نموني ضابطو آندو ويو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مراد سعيد چيو ته عمران خان کي مزدور ۽ ڏه??ڙيدار طبقي جو فڪر آهي. انهيءَ لاءِ هن سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو. احساس پروگرام وسيلي هڪ ڪروڙ 60 لک خاندانن کي 12 هزار رپيا امداد ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ