اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊو??يسٽڪ ڪرڪيٽ جي بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏيندي چي?? آهي ته اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيج صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان ۾ ڊو??يسٽڪ خاص طور تي اسڪول ڪرڪيٽ بابت پريزنٽ??شن ڏني وئي. پريزنٽ??شن سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئ??شن جي چيئرمين عبدالله خان سمبال تيار ڪئي هئي. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تحت هلندڙ تنظيم سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئ??شن (سي پي سي اي) جي ماڊل کي ساراهيو. وزيراعظم اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊو??يسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏني ۽ سي پي سي اي کي ان ماڊل جي ريپليڪا کي سڄي ملڪ ۾ مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي راءِ ڏني. وزيراعظم 15 سيپٽمبر کان وچ پنجاب ۾ اسڪول ڪرڪيٽ چي??پيئن شپ شروع ڪرڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چي?? ته اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيع صلاحيت رکندڙ آهي. پنجاب جي چي?? سيڪريٽري ان موقعي تي ٻڌايو ته ان اهم قدم ۾ پنجاب حڪومت اهم ڪردار ادا ڪ??و آهي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چي?? ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم خان ۽ سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئ??شن جي سي اي او خرم نيازي شرڪت ڪئي.
اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيج صلاحيت رکي ٿي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II