اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي سان ايران جي سندس هم منصب حسين امير عبداللهيان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي خاص طور تي افغانستان جي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني پرڏ??هي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب مخد??م شاهه محمود قريشي کي ايندڙ هفتي تهران ۾ متوقع افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي سطح جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پرڏ??هي وزير علائقائي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي قدم جي مڪمل تائيد ۽ حم??يت تي ايراني پرڏ??هي وزير جا ٿورا مڃيندي ان اهم اجلاس جي وقت سر منعقد ڪرڻ تي ايراني پرڏ??هي وزير کي مبارڪباد ڏني. پرڏ??هي وزير مخد??م شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه سان علائقائي سطح تي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي خوش آئنده آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي سطح تي تعاون لازمي آهي. افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ايران جي سندس هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، افغانستان صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ