اسلام آباد – 23 – سي??ٽم??ر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري آهي، هيستائين 123 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفي?? پاران جاري انگن اکرن موج?? ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هيستائين گڏيل عرب امارات مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان هلائڻ واريون 13 اڏامون، ترڪمانستان مان هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 8، روس جي هڪ، يونان جي هڪ ۽ سعودي عرب جون 5 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ٻين رستين ذريعي به امدادي سامان پهتو آهي. ايران جي حلال احمر پاڪستان کي ٽرڪن ذريعي 100 ٽن امدادي سامان مو??لي?? آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ترڪيه 3 ريل گاڏين جي ذريعي امدادي سامان پاڪستان مو??لي?? آهي. ان کانسواءِ ترڪيه جي حلال احمر 2 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان مو??لي?? آهي. تاجڪستان 87 ٽرڪن ذريعي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان مو??لي?? آهي. عمان مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هڪ سامونڊي جهاز به امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتو آهي.
ٻاهرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري، هيستائين 123 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پهچي چُڪيُون
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی