ڪراچي-10 آڪٽوبر (اي پ?? پي)سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرم??ون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 28675 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ??يا. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته بدين ۾ 6200 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ??يا. اهڙيءَ طرح دادو ۾ 7500، حيدرآباد ۾ 2000، ڄامشورو 1125، مٽياري 2500، سجاول 1250، ٽنڊوالهيار 2500، لاڙڪاڻو 2000، خيرپور ميرس 3000 ۽ نوشهروفيروز 600 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ??يا. مجموعي طور تي 1495773 خاندانن ۾ راشن بيگس تقسيم ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ جي مطابق وڌيڪ 1800 خيما، 5 هيوي ڊيواٽرنگ پ??پس ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. هاڻي تائين متاثرن کي 599918 خيما، 535215 پلاسٽڪ ترپال، 3140036 مڇردانيون، 800323 ليٽر منرل واٽر واٽر ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 71130 متاثر ريل??ف ڪيمپن مان پنھنجي گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ھن وقت 273667 متاثر ريل??ف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. جن ۾ 81126 ٻار ۽ 62399 عورتون شامل آهن، جن کي ٻه وقت جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪ??ون پ??ون وڃن. هن چيو ته تازين برساتن جي تباهڪارين سبب 770 قيمتي حيات??ون ضايع ٿ??ون آهن، 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 436409 ڍور مري چڪا آهن. سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن بابت هن چيو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 59800 ڪيوسڪ ۽ اخراج 49900 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 46600 ڪيوسڪ ۽ اخراج 36500 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي آمد 86200 ڪيوسڪ ۽ اخراج 57500 ڪيوسڪ آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 28675 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : quina acumulada