اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايشيائ?? ترقياتي بئنڪ ترقي جي لاءِ اسان جي حصيدار آهي، بريس پروگرام سماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدمن جي مدد ۽ ٻو?? متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. هو بريس پروگرام تحت قرض جي فراهمي جي معاه??ي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقري?? ۾ ??اڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، اي ڊي بي جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ ٻيا به شريڪ هئا. وزيراعظم چيو ته هن مشڪل وقت ۾ اي ڊي بي پاران تعاون تي ٿورا مڃون ٿا. ايشيائ?? ترقياتي بئنڪ ڪيترن ئي اهم پروگرامن جي شفافيت سان پڄاڻي لاءِ ڀرپور مدد ڪئي آهي ۽ ترقي جي لاءِ اسان جي حصيدار رهي آهي. بريس پروگرام سماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدمن جي معاونت جي سلسلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ هي اهم پروگرام اسان جي معيشت جي استحڪام ۽ مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان به ڪارائتو ثابت ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پروگرام کي جاري ڪرڻ تي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته موجوده حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ انهن معاشي مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جيڪي اڳوڻي حڪومت پاران ورثي ۾ مليا آهن. ملڪ کي ٻو?? جي صورت ۾ هڪ قدرتي ??فت درپيش آهي، ٻو?? سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 32.4 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو لڳايو ويو آهي، حڪومت اڪيلي ان مشڪل صورتحال کي منهن نه ٿي ڏئي سگهي، متاثرين ۾ 70 ارب رپين جي روڪ امداد جي ورڇ جاري آهي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق به پروگرام تي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٻو?? متاثرين جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي اي ڊي بي جي وائيس پريزيڊنٽ چيو ته بريس پروگرام 1.5 ارب ڊالر جو پروگرام آهي ۽ ٻو?? متاثر علائقن ۾ متاثرين جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ ترقي جي لاءِ اسان جي حصيدار آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت