اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبروري تي ترڪيه جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره ۾ پنهنجي قيام دور??ن وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندو. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امد??دي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي ??ان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اي??ڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڏکڻ ترڪيءَ ۾ تب??هي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ وزيراعظم 6 فيبروري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي هئي ۽ انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. پاڪستان پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ذاتي طور تي امد??دي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اسان جا ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. ترڪيه ۾ 6 فيبروري تي تب??هي آڻيندڙ زلزلي سان هزارين ماڻهو مارجي ويا.
وزيراعظم زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبروري تي ترڪيه جو دورو ڪندو: وزيراعظم آفيس
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز