اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب روات ۾ ريڊيو پاڪستان جي ڊي آر ايم 1000 ڪلو واٽ ڊيجيٽل ميڊيم ويو ٽرانسميٽر هڻڻ جي منصوبي جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو منصوبو ريڊيو پاڪستان ۾ انقلاب آڻين??و، ڊي آر ايم ٽ??ڪنالاجي ريڊيو پاڪستان جي ڪارڪردگي کي عالمي معيار موجب بڻائيندي جيڪو ان جي معيار ۽ پهچ کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اسان جي مشن ۾ اهم سنگ ميل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ٽرانسميٽر هڻڻ ۽ شروع ٿيڻ کانپوءِ ريڊيو پاڪستان جي نشريات کي ڪيترن ئي ٻين ملڪن تائين وسعت ڏين??و، ڊي آر ايم ٽ??ڪنالاجي ٽرانسميشن کي چار مختلف سگنلز جي قابل بڻائيندي، ان سان توانائي جي بچت ٿيندي جڏهن ته بجلي جي استعمال ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي جيڪو ريڊيو پاڪستان جي لاءِ لاڳت ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو. اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي به خوشي ٿي رهي آهي ته اطلاع??ت واري وزارت روات ۾ پاڪستان جو پهريون ميڊيا سٽي قائم ڪر?? تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
روات ۾ ريڊيو پاڪستان جي منصوبو ريڊيو پاڪستان ۾ انقلاب آڻيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری