اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ??طاءُ الله تارڙ پاڪستان ۾ چونڊ عمل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عالمي ادارن جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏني آهي، موجوده ڊيجيٽل دور ۾ جتي ڊيجيٽل تي ٻڌل حڪمت عملين جي راهه هموار ٿي آهي اتي فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جا چئلينجز پڻ درپيش آهن. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي چونڊ ضرورتن جي جائزه مشن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، يو اين ڊي پي، اليڪشن سپورٽ پروگرام جي ذريعي ٽيڪنيڪي معاونت جي ??را??مي، فيڪ نيوز، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير گڏيل قومن جي جائزه مشن پاران پاڪستان ۾ چونڊن جي شفافيت جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عالمي ادارن جو تعاون ساراهه جوڳو ??هي. هن چيو ته موجوده ڊيجيٽل دور ۾ پاڪستان ۾ چونڊ مهم ۾ تبديلي آئي ??هي. سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏني آهي، موجوده ڊيجيٽل دور ۾ جتي ڊيجيٽل تي ٻڌل حڪمت عملين جي راهه هموار ٿي رهي آهي اتي فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جا چئلينجز پڻ درپيش آهن. هن چيو ته فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن سڄي دنيا جا مسئلا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجوده دور جي گهرجن موجب ڊيجيٽل محاذ تي ڪم ڪري رهيو ??هي. هن گڏيل قومن جي چونڊ ضرورتن جي جائزه مشن کي پنهنجي چونڊ تڪ بابت به آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته چونڊ عمل ۾ ووٽرن کي آگ??هي ??را??م ڪرڻ انتهائي ضروري ??هي. منهنجي چونڊ تڪ ۾ مسيحي برادري جا 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شامل آهن. هن چيو ته منهنجي چونڊ تڪ ۾ هر ماڻهو کي متحرڪ ڪيو ۽ انهن کي هر شعبي بابت آگ??هي ??را??م ڪئي. گڏيل قومن جي چونڊ ضرورتن جي جائزه مشن پاڪستان حڪومت جي چونڊ عمل جي ساک کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. وفد ۾ پوليٽيڪل افيئرز آفيسر هيسام منڪارا، اديتيه آڌيڪاري، يو اين ڊي پي ريجنل ايڊوائيزر ناجيه هاشمي، چيف ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر يو اين ڊي پي ايس اي ايل پي ميري ڪيومنز، پروگرام ايڊوائيزر ايس اي ايل پي يو اين ڊي پي محمد قاسم جنجوعه شامل هئا.
سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏني آهي: عطاءُ الله تار
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد