اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) موٽر ويز ۽ جي ٽي روڊ تي حادثن جي روڪ ٿام ۽ مسافرن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اهم قدمن تحت مواص??ات واري وفاقي وزير عبد العليم ??ان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان روزانو جي بنياد تي حادثن جي ڊيٽا طلب ڪري ورتي آهي. مواص??ات واري وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق موٽرويز تي ٽريفڪ حادثن جي زخمين لاءِ 1122 سان گڏ هيلي ڪاپٽر سروس ج?? فراهمي شروع ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. مواص??ات واري وفاقي وزير عبد العليم ??ان چيو ته سڄي ملڪ ۾ شهرين لاءِ موٽر ويز ۽ جي ٽي روڊ کي وڌ کان وڌ محفوظ هجڻ گهرجي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ شارٽ ۽ لانگ ٽرم پاليسيون لاڳو ڪيو وڃن. مواص??ات واري وفاقي وزير اين ايڇ اي سان مالي استحڪام لاءِ ايندڙ 5 سالن جو ايڪشن پلان طلب ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سرڪار?? فنڊن جي استعمال بدران قابل عمل منصوبن تي ڪم ڪري. هن اين ايڇ اي کي نيشنل ٽرانسپورٽ پاليسي جي تياري جو پڻ ٽاس?? ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته اين ايڇ اي موٽر ويز تي ٽرڪن جي وڊيو سرويلنس يقيني بڻائي. ايڪسل لوڊ ڊي روڊ تي لاڳو ڪيو وڃي ۽ فريٽ اينڊ لاجسٽڪ پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وفاقي وزير اين ايڇ اي کي ٽال ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ جديد مڪينزم اختيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
مواصلات واري وفاقي وزير نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان حادثن جي ڊيٽا طلب ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر