اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيل??ني چيو آهي، ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح هڪ عظيم اڳواڻ ۽ ذهين انسان هو، پا??ست??ن جو ٺهڻ سندس اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو آ??ي. ??اباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم وفات تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري الڳ ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي پا??ست??ن جو وجود کي عملي جامو پهرايو. پا??ست??ن جو قيام قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي، پوري قوم پا??ست??ن جي ب??ني جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ سدائين سندس احسانمند رهندي، باباءِ قوم جي دورانديشي ۽ سياسي ??اهپ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول ڏنا. هن چيو ته اڄ اسان کي جن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، انهن تي ضابطو آڻڻ جو واحد رستو قانون ۽ آئين تي عملدرآمد ڪرڻ سان آ??ي. ??سان کي پا??ست??ن جي ب??ني جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلافن کان مٿانهون ٿي امن، ترقي ۽ جمهوري روين کي پروان چاڙهڻ گهرجي. سيد يوسف رضا گيل??ني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي قائداعظم جي نقش قدم تي هلندي وطن عزيز جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح هڪ عظيم اڳواڻ ۽ ذهين انسان هو: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ