اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي عيد ميلادالن??ي صلي الله عليه وآله وسلم جي ڏهاڙيءَ جي موقعي تي پوري قوم ۽ مسلم اُمت کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان کي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي صوت ۾ هڪ عظيم نعمت سان نوازيو آهي جيڪا پوري ڪائنات لاءِ رحمت جو سبب آهن. گهرو وزير چيو ته ح??ور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم بهترين وصفن ۽ قدرن جا مظهر آهن. هن چيو ته ح??ور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات اسان لاءِ بهترين نمونو آهي، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي جي اچڻ سان سڄي دنيا روشن ٿي ۽ بي سهارا ماڻهن کي پناهه ڏني. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورن مسلمانن جي ڪاميابي جي ڪُنجي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات تي عمل ڪرڻ سان ئي آهي. هن ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته ح??رت محمد صلي الله عليه وآله وسلم هڪ مثالي سماجي، سياسي ۽ معاشي نظام پيش ڪيو، جيڪو دنيا لاءِ روشني جو مينار آهي. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مسلم اُمت کي درپيش مسئلن جو حل سيرت الن??ي صلي الله عليه وآله وسلم ۾ لِڪل آهي. هن چيو ته ح??ور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي همدردي، رواداري، اتحاد ۽ ڀائيچاري جي روشن مثال آهي. رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم امن، انسانيت جي احترام، مساوات، عفو ۽ درگذار ۽ انصاف جو درس ڏنو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حقيقي ترقي، خوشحالي، امن ۽ استحڪام صرف حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات تي صحيح معنائن ۾ عمل ڪرڻ سان حاصل ٿي سگهي ٿي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات تي صحيح معنائن ۾ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ اسان جي وطن کي امن جو گهوارو بڻائي.
وفاقي گهرو وزير پاران عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي موقعي تي مسلم اُمت کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب