ن??وي??رڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي بئنڪ جي صد?? اجي پال سنگهه بنگا ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان جي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي صد?? اجي پال سنگهه بنگا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم عالمي بئنڪ پاران پاڪستان حڪومت سان اقتصادي سڌارن، غربت ۾ گهٽتائي ۽ بنيادي ڍانچي جي تر??ي سميت پاڪستان جي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي ??اراهيو. وزيراعظم عالمي بئنڪ جي صد?? کي ??ڪومت جي پاليسي، انتظامي ۽ تنظيمي سڌارن جي حوالي سان کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته حڪومت توانائي، ماليات ۽ اوڳاڙين جي شعبن ۾ سڌارا آندا آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪوم?? معاشي سڌارن جي تڪميل جي لاءِ عالمي بئنڪ پاران تعاون جي آجيان ڪندو. هن پاڻي نظام، توانائي ۽ انساني تر??ي سميت پاڪستان جي ترقياتي منصوبن جي لاءِ جديد مالياتي حل ڳولڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ عالمي بئنڪ جي صد?? ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان جي ترقياتي هدفن کي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم سان ورلڊ بئنڪ جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena