اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نئون سال شروع ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته نئون سال ترقي ۽ خ??شح??لي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام جو سال هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري نئين سال تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز مان نڪرڻ جي ل??ءِ يڪجهتي، نظم ۽ ضبط، مسلسل محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ?? پوندو. صدر نئين سال جي شروعات تي ملڪ ۽ قوم ج?? ترقي ۽ خ??شح??لي جي دعا ڪندي چيو ته نئون سال پاڪستاني قوم ج?? لاءِ امن، استحڪام، ترقي ۽ خ??شح??لي کڻي اچي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي موقعا فراهم ڪري انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ غريب طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ?? پوندو، بحيثيت قوم گذريل سال جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ ۽ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر زور ڏنو ته اچو نئين سال جي شروعات تي عوامي خدمت، امن ۽ استحڪام جي ل??ءِ محنت سان ڪم ڪرڻ جو عزم ڪريون، الله تعاليٰ آڏو دعا آهي ته نئون سال ملڪ جي ل??ءِ ڪاميابين جو سال هجي.
صدر آصف علي زرداري پاران نئون سال شروع ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو