اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح اعلان ڪيو آهي ته دنيا ساٿ ڏي يا نه ڏي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام آخري دم تائين ڪشمير ??ان گڏ رهندي، جمعي ڏينهن پاڪستاني قوم ٻنپهرن جو 12 وڳي کان ساڍي 12 وڳي تائين گهرن کان ٻاهر نڪري ڪشميرين ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪندي، 27 سيپ??مب?? تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس تائين هفتي ۾ هڪ ڏينهن ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ تشدد جي خلاف پاڪستاني قوم هڪ زبان ٿي آواز بلند ڪندي، نريندر مودي تڪبر ۾ اچي تمام وڏي غلطي ڪئي جنهن ??ان ڪشميرين کي آزادي حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ويو آهي، پاڪستان ڪشمير مسئلي کي عالمي ڌيان ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. قوم کي خ??اب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ آئون توهان ??ان رڳو ڪشمير جي معاملي تي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪشمير جي اڄ ڪهڙي صورتحال آهي، هيستائين ا??ان ڇا ڪيو آهي ۽ اڳتي ڇا ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.
دنيا ساٿ ڏي يا نه ڏي پاڪستان ۽ عوام ڪشمير سان گڏ رهندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔