اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار عثمان ڊار چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام تح?? 50 ارب رپين جا قرض ڏنا ??ين??ا، جنهن سان 40 هزار نوان ڪاروبار شروع ٿيندا، جڏهن ته تح??يڪ انصاف جي حڪومت 3 سالن دوران نوجوانن کي 30 ارب رپين جا قرض ڏنا، مسلم ليگ (ن) پنهنجي 5 سالن جي حڪومتي دور ۾ نوجوانن کي 26 ارب رپين جا قرض ڏنا آهن. ماضي جي حڪومتن نوجوانن ۽ راندين جي سرگ??مي?? کي نظر انداز ڪيو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هاءِ ٽيڪ اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم عمران خان سڀ کان پهرين ماحولياتي تبديلي تي ڳالهه ڪئي، حڪومت 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏنو آهي ۽ سال 2022ع ۾ نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ سرگ??مي??ن منعقد ڪرايون ??ين??يون، يونيورسٽين ۾ صحتمند سرگ??مي?? لاءِ يوٿ گرين موومينٽ جي شروعات ڪئي ??ين??ي، ڪامياب جوان پروگرام تح?? 18 کان 45 سال جي عمر جو هر شهري قرض لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته سال 2021ع کان ڪامياب جوان پروگرام جا جيڪي منصوبا شروع ڪيا انهن جا سڀئي هدف حاصل ڪيا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ ڪامياب جوان پروگرام تح?? هاڻي تائين 30 ارب رپيا تقسيم ڪيا ويا ۽ 27 ارب 2021ع ۾ تقسيم ٿيا. سال 2020ع ۾ ڪورونا سبب هر طرف بندش هئي جنهن ڪري ڪامياب جوان قرض اسڪيم تي ڪم نه ٿي سگهيو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن سان واعدو آهي ته هن سال 50 ارب رپيا ڪامياب جوان پروگرام تح?? تقسيم ڪيا ??ين??ا. هن چيو ته سال 2023ع نوجوانن جو سال ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ ڪامياب جوان پروگرام کان سواءِ نوجوانن جي معاملن واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي هلندڙ سال نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ سرگ??مي??ن منعقد ڪرايون ??ين??يون ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته 12 آگسٽ تي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان کي ميزباني ملي ته جيئن پاڪستاني نوجوانن جو اميج سڄي دنيا آڏو رکي سگهون.
تحريڪ انصاف جي حڪومت 3 سالن دوران نوجوانن کي 30 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا، مسلم ليگ(ن) پنهنجي 5 سالا حڪومتي دور ۾ نوجوانن کي 26 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا: عثمان ڊار
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ