اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? سان سعودي عرب لاءِ پا??ستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سعودي عرب ۾ سفير طور نامزدگي تي امير خرم راٺوڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پا??ستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر ڏکي وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي حڪومت اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، توهان جهڙي مڃيل سفارتڪار جي سفير طور مقرري اسان پا??ستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي سفيرن کي اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻي پا??ستان جي معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جي ڀلائي ۽ بهتري اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ پا??ستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪي پنهنجي محنت جي ڪمائي پا??ستان موڪلي ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سعودي عرب لاءِ پا??ستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي سندس هدايتن ت?? مڪمل عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.
پرڏيهي وزير سان سعودي عرب لاءِ نامزد سفير امير خرم راٺوڙ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی