اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب سينيئر صحافي، ڪالم نويس عطاءُ الرحمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيا?? ۾ ??طلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير چيو ته عطاءُ الرحمان سدائين پنهنجي قلم سان عوامي مسئلا اجاگر ڪيا، ان جون پيشيواراڻيون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. فرخ حبيب چيو ته صحافتي برادري هڪ سٺي ۽ ڏاهي صحافي کان محر??م ٿي وئي آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ عطاءُ الرحمان کي جنت نصيب ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا ف??ما??ي.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا