اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فلسطيني هم منصب رياض المالڪي جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ فلسطين جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ پ??رل??اماني رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، فلسطين جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي، عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان فلسطين سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. فلسطيني پرڏيهي وزير فلسطين جي موجوده صورتحال کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام پاران فلسطين جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ??ند?? فلسطين مسئلي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرايو ۽ ان پراڻي مسئلي جي جلد منصفاڻي حل جي مطالبي تي زور ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي، پاڪستان فلسطين جي حوالي سان پنهنجي اصولي ۽ واضح موقف تي قائم آهي. هن چيو ته فلسطين جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي پاڪس??ان?? عوام جي جذبن جي ترجمان آهي. فلسطيني پرڏيهي وزير فلسطين ۾ جنگبندي جي لاءِ پاڪستان جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار کي ساراهيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪس??ان?? قيادت جا ٿورا مڃيا.
او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فلسطيني هم منصب رياض المالڪي وچ ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2