اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪ??تا?? تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته اسپيڪر جي رولنگ عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، شفقت محمود چيو ته عدم اعتماد تي ووٽنگ نه ٿيڻ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي معاملي تي ڪ??س عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جيڪا رولنگ اسپيڪر ڏني اها عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته پاڪ??تا?? جي خلاف تمام وڏي سازش ٿي آهي، شفقت محمود چيو ته تعليم واري وزارت مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٿوري پريشاني هئي پر ان کي به ختم ڪيو ويو، مدرسن ۽ اسڪولن جا ٻار هڪ ئي فيلڊ ۾ اچ?? رهيا آهن، تعليمي ادارن جي ٻارن کي چ??ندس ته هو پڙهائي تي ڌيان ڏين.
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria