اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم ش??با?? شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ?? خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيرا??ظم ميرانشاهه ?? خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي لانس حوالدار زبير قادر، سپاهي عزيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سندن قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيرا??ظم محمد ش??با?? شريف خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٻارن 4 سالا انعم، 8 سالا احسن ۽ 11 سالا احمد حسن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آهن، ان سفاڪ وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، قاتلن جي سرپرستن کي سزا ڏئي رهنداسين. وزيرا??ظم چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، شجاعت ۽ شهادت اسان جي فوج جي شاندار روايت آهي، اسان جي شهيدن ان کي برقرار رکيو آهي. وزيرا??ظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی