اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف عالمي شه??ت يافته ناليواري هدايتڪار، صداڪار، اداڪار، ليکڪ ۽ ميزبان ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين پنهنجي ذات ۾ هڪ فن پارو هو سندس مخصوص انداز پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌوم مچائي. افسوس آهي ته ڪيترين ئي خوبصورت خوبي?? جو مالڪ شخص لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين پاڪستان ۾ ٽيليويزن هوسٽنگ کي هڪ نئين رخ کان روشناس ڪرايو ۽ عالمي سطح تي اداڪاري ذريعي پاڪستا?? جو نالو ٻاهرئين ملڪ روشن ڪيو. نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جي صدر طور هن نئين ايندڙ فنڪارن جي تربيت ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. ضياءَ محي الدي?? جو آواز اسان جي ذهن ۾ گونجندو رهندو. وزيراعظم چيو ته ان جي صلاحيتن ۽ ان جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئي??ن کي صبر جميل عطا فرمائي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2