اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب هِن سال آمريڪا، ??رطانيا، فرانس، جرمني، اٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، نيدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، ??سٽريليا، ??لغاريه، ارجنٽائن سميت 58 ملڪن جي حاجين لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي سهولت جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب هن سال حج لاءِ اٽڪل 58 ملڪن جي حاجين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اي پليٽ فارم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سعودي حج ۽ عمره واري وزارت ايندڙ حج جي طريقيڪار کي آسا?? بڻائڻ جي لاءِ سعودي حڪومت پاران شروعاتي ڪوششن جي هڪ حصي طور يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا جي حاجي سڳورن جي لاءِ hajj.nusuk.sa پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سعودي حج واري وزارت چيو آهي ته نئين سروس انهن ملڪن جي حاجين کي درخواست ڏيڻ، ريزرويشن ڪرڻ ۽ اي پيمنٽ ڪرڻ ??ان گڏوگڏ حج بابت خدمتن جهڙوڪ رهائش، کاڌي، اڏامن، رهنمائي ۽ چرپر جي پئڪيجز چونڊ ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿي، پليٽ فارم تحت ايندڙ ملڪن ۾ فرانس، جرمني، آمريڪا، ??رطانيا، ??ٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، نيدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، ??سٽريليا، ??لغاريه، ارجنٽائن، يونان، جارجيا، ??وئٽزرلينڊ، قبرص، ڊينمارڪ، وينزويلا، يوڪرين، ناروي، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، فن لينڊ، ڪولمبيا، ??ئرلينڊ، رومانيه، ڪروشيا، نيوزيلينڊ، سربيا، پرتگال، پولينڊ، هنگري، پاناما، ميڪسيڪو، چلي، پيرو، ڪيوبا، گوئٽي مالا، يوراگوئي ۽ نگاراگوا شامل آهن. پورٽل ۾ 7 زبانن جي سهولت ڏني وئي آهي، جتان خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان اڳ اميدوار پروفائيل جوڙيندا جنهن ۾ پنهنجي باري ۾ سموري گهربل معلومات لکندا، ??ن کانپوءِ حج ڪرڻ جا اميدوار گهربل سهولتون دريافت ڪري بڪنگ ڪرائي سگهندا، ??نهن جي لاءِ انهن کي گهربل دستاويز ۽ ڪاغذ لڳائڻا پوندا جڏهن ته پئڪيج جي رقم، ويزا ۽ ماسٽر ڪارڊ، بئنڪ ٽرانسفر ۽ حاجين جي ملڪن ۾ موجود سروسز سينٽر جي ذريعي سداد سسٽم تي روڪ به جمع ڪرائي سگهبي. سعودي عرب جي حڪومت پاران اچڻ جي طريقيڪار کي آسا?? بڻائڻ جي لاءِ ڪيل شروعاتي ڪوششن جي حصي طور هلندڙ سال 2023ع جي حج جا مناسڪ ادا ڪندڙ حاجين جي وڏي انگ جي مذهبي ۽ ثقافتي تجربي کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ فراهم ٿيندڙ خدمتن جو معيار پڻ بلند هوندو، جڏهن ته مُلڪ جي ويزن 2030ع پروگرامن جا مقصد پڻ حاصل ٿيندا.
سعودي عرب پاران هِن سال آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، اٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، نيدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، آسٽريليا، بلغاريه، ارجنٽائن سميت 58 ملڪن جي حاجين لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي سهولت جي شروعات
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔