اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي 8 جاري ۽ هڪ نئ??ن منصوبي جي لاءِ مجموعي طور تي 540 ملين رپيا رکيا ??يا آهن. پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب جاري منصوبن ۾ نيش??ل لابئريري آف پاڪستان اسلام آباد جي رنگ روغن جي لاءِ 94.500 ملين رپيا، نيش??ل لينگويج پروسيسنگ ليبارٽري (اين ايل پي ڊي) قائم ??رڻ جي لاءِ 16.755 ملين رپيا، روات قلعي جي بحالي، تحفظ جي لاءِ 20.327 ملين رپيا، لاهور ۾ موجود علامه محمد اقبال جي رهائشگاهه کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ 18.518 ملين رپيا، ثقافتي ورثي جي ذريعي پاڪستان جي مثبت تشخص جي فروغ جي لاءِ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالوجي اينڊ ميوزيم ۾ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ??رڻ جي لاءِ 15 ملين رپيا اهڙي طرح ٻين ٽن جاري منصوبن جي لاءِ پڻ وڏي رقم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي تحت فيض احمد فيض ڪمپليڪس جي تعمير جي لاءِ هڪ نئ??ن منصوبي جي لاءِ 350 ملين رپيا رکيا ??يا آهن.
پي ايس ڊي پي ۾ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي لاءِ مجموعي طور تي 540 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔