اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 4 جولاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??يا?? موجب وزيراعظم کي ايس سي او جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڀارت جي وزيراعظم ايس سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڏني آهي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي ??عا??ن تنظيم جو اعليٰ ترين فورم آهي، ان ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور فڪر ڪندا ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ??عا??ن جي مستقبل جي رخ جو خاڪو ٺاهيندا. ??يا?? موجب هن سال ايس سي او سربراهه اجلاس تنظيم جي نئين ميمبر طور ايران جي آجيان ڪندو. ??يا?? موجب سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿي ته پا??ستان شنگهائي ??عا??ن تنظيم کي علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي هڪ اهم فورم طور اهميت ڏي ٿو ۽ خطي سان رابطن کي وڌائي ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف 4 جولاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن