اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيس?? ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان ۽ يقيني بڻايو ويندو. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي قيادت آر آءِ يو جي جي صدر سيد قيصر عباس شاهه ڪري رهيو هو. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ صحت ڪارڊ ۽ ??يڪ??يڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ جي درخواست ڪئي ۽ اخبارن جي مالڪن پاران ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي، صحافين ۽ ري??نل اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيس?? ڊاڪٽر طارق محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ري??نل اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻايو ويندو. هن چيو ته هو صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي نگراني ۾ جامع پاليسي جوڙيندو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. وفد ۾ ملڪ رشيد، راحيل انور سواتي، ضرار فريد، عارف م??ڪ، عمران مقصود ۽ مظفر ڀٽ?? پڻ شامل هئا.
علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا: ڊاڪٽر طارق محمود خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں