اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪو به انسان ڊس ايبل نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، ??صوصي ماڻهو به ووٽ جو حق رکن ٿا، سياسي پارٽين کي چونڊ منشو?? ۾ ??صوصي ماڻ??ن جي لاءِ پروگرام پيش ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڪو به انسان معذور نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، ????ڪي ماڻهو اکين کان ڏسي نه ٿا سگهن اهي دل جي روشني سان تمام گهڻو ڪجهه ڏسي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان کي معاشري جي خصوصي ماڻ??ن جي ضرورتن جو خيال رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي سمورن ترقي يافته ملڪن ۾ خصوصي ماڻ??ن جي ضرورت جو خيال رکيو وڃي ٿو ڇو ته سمورن ماڻهن کي برابر حق حاصل آهن. هن آمريڪا جو مثال ڏيندي چيو ته آمريڪا جي هر رستي ۽ چوڪ تي رستن جي تعمير جي اندر اهڙي طرح سان ڪٽ هنيو وڃي ٿو جو ڪو ماڻهو وهيل چيئر تي آساني سان گذري سگهي پر بدقسمتي سان اسان وٽ بلڊنگ ڪوڊز ۾ انهن شين جو خيال نه ٿو رکيو وڃي. هن چيو ته خصوصي ماڻ??ن جي حقن جي لاءِ قانونسازي جي ضرورت آهي ۽ قانونسازي چونڊيل نمائندا ڪندا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ خصوصي ماڻ??ن جي تقريب منعقد ٿي رهي آهي، وڏيون سياسي پارٽيون منشورسازي ۾ مصروف آهن ۽ اهي نقطن جي صورت ۾ پنهنجا پروگرام ڏئي رهيون آهن. سياسي پارٽين کي خصوصي ماڻ??ن جي ڀلائي لاءِ قدمن کي پنهنجي منشو?? ۾ ??امل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن وٽ ووٽ جو حق آهي، ??هي سياسي پارٽين جي قيادت آڏو پنهنجا جائز مطالبا پيش ڪن ۽ انهن پارٽين کي ووٽ ڏين ج??ڪي ان??ن جا مطالبا پورا ڪن.
ڪو به انسان ڊس ايبل نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : راکی