اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ٽيڪس محتسب (??يف ٽي او) سال 2023ع دوران ٽيڪس ۽ ڪسٽم عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف 8128 شڪايتن جو ازالو ڪيو آهي جڏهن ته 2022ع ۾ شڪايتن جو انگ 6106 هو، ??يف ٽي او 2022ع ۾ 7 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 2023ع ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي 17.74 بلين رپين جو ري??يف فراهم ڪيو آهي. اها ڳالهه صدر ??اڪٽر عارف علوي کي بريفنگ دوران ٻڌائي وئي جنهن اسلام آباد ۾ ??يف ٽي او آفيس جو دورو ڪيو. وفاقي ٽيڪس محتسب (??يف ٽي او) ڊاڪٽر آصف محمود جاهه، ??يف ٽي او جي صلاحڪارن، علائقائي سربراهن ۽ ??يف ٽي او جي سينيئر عملدارن اجلاس ?? شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه صدر ??ي ??يف ٽي او جي مجموعي ڪارڪردگي، آئوٽ ريچ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته ??يف ٽي او 60 ڏينهن جي اندر ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت ڪندڙن کي مفت انصاف فراهم ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته 2023ع دورا?? شڪايتن جي ازالي جي لاءِ سراسري وقت کي گهٽ ڪري 44 ڏينهن ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ??يف ٽي او هڪ عوامي ري??يف تي ٻڌل ادارو آهي جنهن پنهنجي فيصلن جي ذريعي گهٽ پگهار وارن ملازمن، استادن، پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ گاڏين جي خريدارن کي ٽيڪس ۾ ري??يف فراهم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ??يف ٽي او ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نيون آفيسون کولڻ، هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ سيمينارز ۽ ڪاروباري برادري سان ڳالهه ٻولهه جي ذريعي آگاهي ڦهلائي پنهنجي پهچ ۽ ڪيسن جي داخلا کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ??يف ٽي او سوشل ميڊيا ۽ سيلولر ڪمپنين جي ذريعي وڏي پئماني تي پيغام پهچائڻ جو استعمال ڪندي ٽيڪس جي معاملن ۾ پنهنجي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ سرگرم عمل آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر ??يو ته ??يف ٽي او کي ٽيڪس ڏيندڙن تائين پنهنجي پهچ وڌائڻ کانسواءِ شڪايتن جي داخلا ۽ انهن کي اڪلائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي. هن ??يف ٽي او۽ ??يف بي آر جي وچ ۾ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد ۽ ٽيڪس نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس ۽ روينيو جنريشن کي وڌائڻ جي لاءِ بهتر ٽيڪس نظام لازمي آهي جنهن سان اسان جي معيشت کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ قرضن تي ملڪ جو دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر ??يف ٽي او جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جنه?? شڪايت ڪندڙن کي 17.74 بلين رپين جو ري??يف فراهم ڪرڻ کانسواءِ گذريل سال 8128 شڪايتن جو ازالو ڪيو. ه?? شڪايت ڪندڙن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر ري??يف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
وفاقي ٽيڪس محتسب 2023ع دوران ٽيڪس ۽ ڪسٽم عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف 8128 شڪايتن جو ازالو ڪيو، 2022ع ۾ شڪايتن جو انگ 6106 هو، ايف ٽي او 2022ع ۾ 7 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 2023ع ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي 17.74 بلين رپين جو ريليف فراهم ڪيو: صدر کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ