اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ معاشي استحڪام جي ??اء?? وڏا پراڻا مسئلا هل ڪيا، ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ??اء?? عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي سموريون ??هو??تون ڏيڻ اولين ترجيح رهي آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شرڪت ڪئي. ڪراچي اليڪٽرڪ جي وفد نگران وزي??اع??م ۽ سندس ٽيم جا ڪراچي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. نگران وزي??اع??م هدايت ڪئي ته ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش باقي مسئلن جو پڻ ترجيحي بنيادن تي حل ڪڍيو وڃي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف گامزن ڪرڻ جي ??اء?? وڏا پراڻا مسئلا حل ڪيا. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ??اء?? عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي سموريون ??هو??تون ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح رهي آهي، حڪومت ان بنيادي اصول تي عمل پيرا ٿي مثبت نتيجا حاصل ڪيا، نگران حڪومت آخري ڏينهن تائين ملڪي معيشت کي درپيش مسئلن جي حل ??اء?? پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. نگران وزي??اع??م گذريل ڏينهن نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اِي) جي وچ ۾ انٽر ڪنيڪشن معاهدي تي صحيحن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪراچي اليڪٽرڪ جي سي اي او حڪومت پاران ڪمپني کي درپيش مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل تي نگران وزي??اع??م ۽ حڪومتي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزي??اع??م چيو ته باقي رهيل مسئلن جو به جلد حل ڪڍي حڪومت ڪراچي جي رهواسين کي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي راهه ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي ??اء?? ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ جا مسئلا ۽ انهن جي حل ??اء?? تجويزون پيش ڪيون ويون. نگران وزي??اع??م هدايت ڪئي ته نيپرا ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ ترجيحي بنيادن تي گڏجي انهن مسئلن جو حل ڳولين ۽ ان سلسلي ۾ جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪن.
نگران وزيراعظم پاران ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا