لاهور-26 فيبروري (اي پي پي) تعيلم ?? پيشوراڻي تربيت واري نگران وفا??ي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته معيشت جي بهتريءَ ل??ءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي پوندي، نوجوانن کي فني مهارتن جي تربيت ڏياري معاشري جو ڪارآمد شهري بڻائي سگهجي ٿو. نگران حڪومت مختصر عرصي ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ ل??ءِ روڊ ميپ تيار ڪري ايندڙ حڪومت ل??ءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيو ٽيڪ) ۽ پنجاب اسڪلز ڊولپمينٽ فنڊ (پي ايس ڊي ايف) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. هن چيو ته ان يادداشت جو مقصد پٺتي پيل طبقي جي ترقيءَ ل??ءِ هڪ ڪوشش ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي هنرمند ۽ باصلاحيت بڻائڻ آهي. نگران وفا??ي وزير چيو ته معيشت جي بهتريءَ ل??ءِ روايتي بج??ءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي ل??ءِ پوندي. هن چيو ته يون??ور??ٽين کي معياري تعليم سان هم آهنگ ڪرڻ ل??ءِ نگران حڪومت هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا. ايندڙ حڪومت ل??ءِ هڪ روڊ ميپ ڇڏي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ايندڙ حڪومت ان روڊ ميپ تي عمل ڪري تعليم جي بهتريءَ ل??ءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي نيو ٽيڪ جي چيئرپرسن سميت ٻين به خطاب ڪيو.
ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي پوندي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ