ڪراچي – 12 – مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان صدر آصف علي زرداري کي ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي صدرن ٻط??في اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌ??ڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ترڪ صدر پاران ٽيليفون ۽ نيڪ خواهشن ??ي اظهار تي سند?? ٿورا مڃيا. هن ترڪيه جي عوام کي رمضان المبارڪ جي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي صدر جلد ئي صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان گهرائڻ جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل