اسلام آ??اد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا ٺوس ثبوت ڏنا ۽ اهو مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ج?? ڪاررواين ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪستان 18 مارچ تي افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، افغانست??ن ڳالهين جي ذ??يعي مسئلن جو حل چاهيون ٿا. ترجمان چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويو. ترجمان فلسطين ۾ اسرائيلي فوج جي جارحاڻ?? ڪاررواين خاص طور تي غزه جي شفاءَ اسپتال تي تازي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ رپورٽس موجب وڏي انگ ۾ معصوم ٻار ۽ عورتن سميت عام شهري مارجي ويا آهن. هن چيو ته بيگناهه ماڻهن ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري پائمالين جي پڻ شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران ڀارت والاريل ڪشمير جي 14 سياسي پارٽين تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جي مذمت ڪريون ٿا، ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي مذمت جوڳي آهي. ڪشمير بابت ڀارتي ليڊرن جي تازن بيانن کي رد ڪندي هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حل گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي ذ??يعي ممڪن آهي.
پاڪستان افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا ٺوس ثبوت ڏنا، 18 مارچ تي افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ