اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم جي ڪميٽي کي عدالتي سڌارن جي لاءِ آئيني ۽ قانوني ترميمن جو پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عام ماڻهو جي سهولت لاءِ سول ۽ فوجداري قانونن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي، پاڪستان ۾ 2400 ارب رپين کا?? وڌيڪ جي ٽيڪس اوڳاڙين جو عدالتن ۽ ٽربيونلز جي منع نامن جي ڪري التوا ۾ هجڻ ڳڻتي ??وڳ?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قانوني ۽ عدالتي سڌارن جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو. ڪميٽي ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي احسن ڀون، قانون واري اڳوڻي وزير زاهد حامد، سينيئر قانوندان شاهد حامد ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ شامل آهن. وزيراعظم ڪميٽي کي عام ماڻهو جي سهولت لاءِ سول ۽ فوجداري قانونن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ عدالتي سڌارن جي لاءِ آئيني ۽ قانوني ترميمن جو پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته خواهش آهي ته ماڻهن کي جلد ۽ آساني سان انصاف فراهم ٿي سگهي. هن ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته ٽيڪس جي معاملن کي عوام خاص طور تي ڪاروباري طبقي جي لاءِ آسان بڻايو وڃي. وزيراعظم ڪميٽي کي ٽيڪس اوڳاڙين جي نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ قانوني تجويزون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 2400 ارب رپين کا?? وڌيڪ جي ٽيڪس اوڳاڙين جو عدالتن ۽ ٽربيونلز جي منع نامن جي ڪري التوا ۾ هجڻ ڳڻتي ??وڳ?? آهي. وزيراعظم ڪميٽي کي مالي ۽ ٽيڪس معاملن تي 2 هفتن ۾ عبوري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي جي فراهم ڪيل رپورٽ سياسي اتحادين سان مشاورت کا??پوءِ لاڳاپيل وزارتن ڏانهن موڪلي وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران عدالتي سڌارن جي لاءِ آئيني ۽ قانوني ترميمن جو پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں