رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اه??ڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، شهيد پوليس اه??ڪارن جي جنازي نماز صادق شهيد پوليس لائينز ۾ ادا ڪئي وئي. پوليس جي شهيد اه??ڪارن جي جنازي نماز ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير، آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور، گهرو سيڪريٽري پنجاب نور الامين منيگل شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، عوام ۽ شهيدن جي رشتيدارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 پوليس اه??ڪار شهيد جڏهن ته 8زخمي ٿيا آهن، شهيد پوليس اه??ڪارن ۾ اقليتي برادري سان تعلق رکن??ڙ 3 جوان به شامل هئا، پوليس جي چست جٿي شهيدن کي سلامي ڏني، جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ شهيد?? جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا. شهيدن کي اباڻن علائقن ۾ مڪمل اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. گهرو وزير محسن نقوي شيخ زيد اسپتال ۾ علاج هيٺ پوليس جوانن جي طبيعت پڇي. گهرو وزير محسن نقوي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ رائيگان نه وينديون، وفاقي حڪومت ڪچي جي ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪندي. پوليس جوانن جي شهادت پ??ڪستان لاءِ سانحو آهي، ان مڪروه فعل ۾ ملوث ڌرين کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. هن چيو ته شهيد پوليس اه??ڪارن کي اعليٰ اعزازن سان نوازڻ جي سفارش ڪئي ويندي.
ڪچي جي ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، وفاقي گهرو وزير، آءِ جي پنجاب، گهرو سيڪريٽري پنجاب سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار