اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي سياسي معامل?? بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جا?? باس پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان وفدن جي سطح تي مُلاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين واپار، توانائي، سلامتي، صحت، موسمياتي تبديلي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت موجوده ڳالهين واري مڪينزم تي اڳڀرائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان پاران آمريڪا سان لاڳاپن کي ڏني ويندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي مڪينزم خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي شعبن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ هڪ وسيع البنياد ?? بامعنيٰ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. انڊر سيڪريٽري جا?? باس گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه موقعو ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمريڪا معيشت کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪ??ڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان سان حصيداري جو خواهشمند آهي. هن ٻوڏ ۽ دهشتگرد حملن جهڙن تازن چئلينجن جو مقابلو ڪ??ڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي ساراهيو. انڊر سيڪريٽري جا?? باس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي.
آمريڪا جي سياسي معاملن بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ وفد جي پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان مُلاقات
مضمون کا ماخذ : números quina hoje