اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي ??بديلي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته موسمياتي ??بديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ جٽادار زرعي طريقن جي ضرورت آهي، جيڪي عالمي غذائي تحفظ ۽ آبادي جي ڀلائي لاءِ انتهائي اهم آهن. خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته موسمياتي ??بديلي هڪٻئي سان جڙيل مڪينزم ذريعي غذائي تحفظ ۽ پائيدار زراعت تي ناڪاري اثر ڇڏي ٿي، هن چيو ته وڌندڙ گر??ي پد، برساتن جي تبديل ٿيندڙ طريقن ۽ انتهائي موسمي حالتون زرعي پيداواري صلاحيت کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ خوراڪ جون قيمتون ۽ گهٽ آمدني وارن گر??هن ۾ غذائي کوٽ جي خطري ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن خبردار ڪيو ته موسمياتي ??بديلين جي نتيجي ۾ 2050ع تائين وڌيڪ لکين ماڻهن کي بک کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. رومينه خورشيد عالم موسمياتي لچڪدار زراعت جي فوري ضرورت تي ??ور ڀريندي چيو ته پاڪستان موسمياتي ??طرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ملڪ ??ي ٻوڏ ۽ سخت گر??ي جهڙي شديد موسمي صورتحال درپيش آهي جيڪا زرعي پيداوار ۽ خوراڪ جي تحفظ کي خطري ۾ وجهي ٿي. هن چيو ته موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ دوران وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پوکي جي طريقن ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسمياتي ??بديلي سان غربت ۽ غذائي کوٽ ۾ اضافو ٿئي ٿو جڏهن ته اها متاثر علائقن ۾ خوراڪ جي معيار ۽ دستيابي کي متاثر ڪري ٿي. هن مناسب غذائيت کي يقيني بڻائيندي موسمياتي ??ثرن کي برداشت ڪرڻ جي قابل پائيدار غذائي نظام قائم ڪرڻ لاءِ فوري قدمن تي ??ور ڀريو.
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار زرعي طريقن جي ضرورت آهي: رومينه خورشيد عالم
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil