اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اطلاعات واري وزارت جي انٽرنل پبلسٽي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل عاشق حسين شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي سندس ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ڊي جي آءِ پي ونگ عاشق حسين سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماءُ ج??ڙي عظيم هستيءَ جو ڪو به نعم البدل نه آهي. هن چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان ۽ وڏو صدمو آ??ي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي ??بر جميل عطا فرما??ي. ??زيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن به ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج