اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان ??سٽاڪ ايڪسچينج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو، انتشاري ٽ??لي جي ويندي ئي مثبت رجحان واپس آيو، ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم ان ??نگ ميل کي عبور ڪرڻ تي حڪومتي معاشي ٽ??م ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مصروف عمل عملدارن کي خراج تحسين ڪندي چيو ته مُون پنهنجي قوم سان وچن ڪيو هو ته ملڪي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندس. هن چيو ته پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان ??چائڻ جي لاءِ اسان پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل ۽ ڪرم سان ??سان ??ي قرباني ضايع نه وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿ?? آهي، وياج 15 سيڪڙو تي ۽ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي پهچي ويا هئا، وزيراعظم ان ??زم جو اظهار ڪيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ائين ئي مح??ت ڪندا رهنداسين ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن کي پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر