اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هر مشڪل ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي س??ودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي نائب گهرو وزير جي آجيان ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراع??م خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻي ??اڳ??پن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي س??ودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم پاڪستان ۾ 2.8 ارب آمريڪي ڊالر جي س??ودي سيڙپڪاري جي حوالي س??ن سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رياض ۾ ٿيندڙ تازي عرب اسلامي س??براهي ڪانفرنس ج?? ذڪر ڪندي وزيراعظم سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ تي س??ودي عرب جي قيادت کي س??راهيو ۽ فلسطين ۾ اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي قدمن جي خلاف ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي جي لاءِ گڏيل طور تي مسلمان امت کي متحد ڪرڻ جي س??ودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي ڪوششن کي س??راهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ۽ سندس وفد جو دورو انهن حساس شعبن ۾ تعاون جي حوالي س??ن ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس شاندار استقبال جي منظر آهي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará