لاهور- 20 نومبر (اي پي پي) بابا گورو نانڪ جي 555هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک ياترين گوردواره رهڙڪي صاحب ايمن آباد جو دورو ڪيو. گوردواره رهڙڪي صاحب ۾ رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ ياترين جو جٿو سخت س??ڪي??رٽي ۾ گذريل ڏينهن گوردواره ڊيره صاحب لاهور پهچي ويو. ان م??قعي تي ايو??ڪي?? ٽرسٽ بورڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري سيف الله کوکر ٻڌايو ته ايو??ڪي?? ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين سيد عطالرحمان جي هدايتن مطابق گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ سک ياترين لاءِ رهائش جا بهترين انتظام ڪيا ويا آهن، گردواره جي عمارت کي چمڪندڙ بتين سان روشن ڪيو ويو آهي جڏهن ته گريٽر اقبال پارڪ ۽ شاهي قلعي جي ڀرپاسي س??ڪي??رٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ايو??ڪي?? ٽرسٽ بورڊ جي س??ڪي??رٽي ۽ ميڊيڪل ٽيم هر وقت ياترين سان گڏ موجود آهن ۽ انهن کي هر طرح جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سک ياتري گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ 2 ڏينهن قيام ڪندا، جتي سک ياترين جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي. طئي ٿيل شيڊول مطابق ياتري 23 نومبر تي 10 ڏينهن وارو دورو مڪمل ٿيڻ تي ڀارت واپس روانو ٿي ويندا.
سک ياترين جو گوردواره رهڙڪي صاحب جو دورو
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena