راولپنڊي-13 ڊسمبر (ا?? پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۽ ڪ?? پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ 5 ڏينهن دوران دهشتگردن خلاف آپريشنز ۾ 43 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 9 ڊسمبر 2024ع کان ڪ?? پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏ?? پيماني تي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪاررواين دوران 43 دهشتگرد مارجي ويا، جنهن سان بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ ٻين دهشتگرد گروهن کي وڏو نقصان پهتو. 12 ۽ 13 ڊسمبر جي ??چ واري رات سيڪيورٽي فورسز لڪي مروت ۾ هڪ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نت??جي ۾ 6 خوارجي مارجي ويا. 9 ڊسمبر 2024ع کان هن وقت تائين ڪ?? پي ڪي ۾ 18 خوارج ماريا ويا آهن. بلوچستان ۾ 13 ڊسمبر تي ??وسيٰ خيل ۽ پنجگور ضلعن ۾ ٻن ڌار ڳجهن اطلاعن تي آپريشنز دوران سيڪيورٽي فورسز شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. 9 ڊسمبر کان هن وقت تائين بلوچستان ۾ 25 دهشتگرد مارجي چڪا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اهي آپريشنز ان وقت تائين جاري رهندا جيستائين علائقي ۾ مڪمل امن بحال نٿو ٿئي ۽ خوارجين جو مڪمل خاتمو نٿو ٿئي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي ناسور کي پاڙؤن پٽي اُڇلائڻ لاءِ پُرعزم آهي.
سيڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ 5 ڏينهن دوران آپريشنز، 43 دهشتگرد مارجي ويا
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ