لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ڏکڻ آفريقا خلاف ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان پهرين ٽيم آهي جنهن ڏکڻ آفريقا جي سرزمين تي ون ڊي سيريز ۾ ٽئي ميچون کٽي وائيٽ واش ڪيو آهي. قومي ٽيم کي ٽئين ون ڊي ميچ کٽڻ ۽ ڏکڻ آفريقا کي وائيٽ واش ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. اها شاندار ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته صائم ايوب هڪ ڀير?? ٻيهر پنهنجو ڪلاس ثابت ڪيو ?? سينچري اسڪور ڪري ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته محمد رضوان ۽ بابر اعظم سٺي بيٽنگ ڪئي، اهڙي طرح سفيان مقيم شاندار بالنگ ڪري قوم جون دليون کٽي ورتيون. هن چيو ته سڄي سيريز ۾ پاڪست??ني ٽيم جا رانديگر پراعتماد نظر آيا ۽ هو جذبي ۽ محنت سان ??يڏيا. ان ??اميابي سبب رانديگرن جو مورال وڌندو ۽ چيمپئينز ٽرافي ٽونامينٽ ۾ به پاڪست??ني ٽيم اهڙي ئي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.
محسن نقوي طرفان ڏکڻ آفريقا خلاف ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي پاڪستاني ٽيم کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن