??ان فرانسسڪو-26 آڪٽوبر(اي پي پي) واٽس ايپ، في?? بڪ، انسٽاگرام ۽ ٽريڪس جي مالڪ آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا چيو آهي ته تازو ٽه ماهي دوران سندس خالص منافعو 11.6 ارب ڊالر رهيو ج??ڪو سالياني بنيادن تي (گذريل سال جي انه?? مدي جي ڀيٽ ۾) ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي. ان جو سبب ڪمپني جي آمدني ۾ اضافو آهي. فرانسيسي خابرو اداري ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر مارڪ زڪربرگ طرفان گذريل ڏينهن جاري ٿيل رپورٽ جي حوالي ??ان ٻڌايو ته ٽن مهينن دوران ميٽا جي آمدني 34 ارب ڊالر رهي جيڪا سالياني بنيادن تي 23 سيڪڙو وڌيڪ ۽ ان جو سبب في?? بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي آمدني جو وڌڻ آهي. هن چيو ته في?? بڪ جي ماهوار صارفين جو تعداد 2022ع جي انه?? مدي جي ڀيٽ ۾ معمولي اضافي ??ان 3.05 ارب رهيو، ميٽا جي فيملي ايپس جي ماهوار صارفين جو ڳاڻيٽو 3.96 رهيو ج??ڪو 2022ع جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ان رپورٽ کي جاري ڪرڻ تي ڪمپني جي شيئرز جي قيمت 2 سيڪڙو وڌي 306.69 ڊالر في شيئر تي پهچي وئي.
آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا جي خالص منافعي ۾ ٽن مهينن دوران سالياني بنيادن تي ٻيڻ تي اضافو، ڳاڻيٽو 11.6 ڊالر رهيو
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا