گڏيل قومون -19 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن پنهنجي امدادي ادارن جي ڪارڪنن جي پرتشدد ڪارروائين ۾ فوتگين ۾ ??يز?? سان اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي، ان جي مذمت ڪئي آهي، پرڏيهي خاب??و اداري گڏيل قومن جي انساني همدردي واري اداري (او سي ايڇ اي) جي تازي رپورٽ جي ح??الي سان ٻڌايو آهي ته امدادي ڪارڪنن جي فوتگين جي ح??الي سان 2023ع بدترين سال رهيو. ان سال دوران 33 ملڪن ۾ گڏيل قومن جي امدادي ادارن جا 280 ڪارڪن امدادي ڪارروائين دوران مارجي ويا جيڪي 2022ع جي 118 فوتين جي ڀيٽ ۾ 137 سيڪڙو وڌيڪ آهن. تازو ئي اسرائيل غزه جنگ جي شروعاتي 3 مهينن دوران 163 امدادي ڪارڪن مارجي ويا جيڪي عالمي اداري لاءِ فڪر جوڳو آهن. سڄي دنيا ۾ انساني ح??ن جي ح??الي سان ڪم ڪندڙ ڪ??رڪنن تي تشدد ۾ ??يز?? سان اضافو ٿي رهيو آهي. 2023ع ۾ اسرائيل ۽ غزه جي جنگ شروع ٿيڻ جي شروعاتي 3 مهينن دوران 163 فوتگيون ٿيون جنهن کان علاوه سوڊان ۾ گڏيل قومن جي امدادي اداري جا 59 ڪارڪن مارجي ويا. هن چيو ته 2023ع دوران اسرائيل ۽ شام ۾ 7-7 ، ايٿوپيا ۽ يوڪرين ۾ 6-6، صوماليه ۾ 5 جڏهن ته ميانمار ۽ جمهوريه ڪانگو ۾ 4-4 امدادي ڪارڪن مارجي ويا.
غزه جنگ جي شروعاتي 3 مهينن دوران امدادي ادارن جا 163 ڪارڪن مارجي ويا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے