اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيندڙ هڪ اجلاس دورا?? ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي فنانسنگ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ناڻي واري سيڪريٽري ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي وڏن منصوبن ج?? حوالي سان ناڻي واري وزير کي بريفنگ ڏني. هن ناڻي واري وزير کي مستقبل جي مختلف منصوبن جي مال?? معاملن تي ٿيندڙ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي لاءِ فنڊن ۾ اضافو ڪري رهي آهي ڇو ته بنيادي ڍانچي جي فراهمي لاءِ تمام گهڻن وسيلن جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2