تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي پسماندگي جو سبب ماضي جا حڪمران آهن، ماضي ۾ بلوچستان جي سياسي اڳواڻن به عوام بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني، ماضي ۾ سياسي اڳواڻن بلوچستان کان وڌيڪ لنڊن ۽ هڪ اڳوڻي صدر بلوچستان کان وڌيڪ ??بئ?? جا دورا ڪيا، موجوده حڪومت جي دور ۾ سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري بلوچستان تي خصوصي ڌيان ان لاءِ ڏنو پيو وڃي ته اهو ترقي ۾ پوئتي آهي، ڪمزور طبقن کي سهولت فراهم ڪرڻ کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بلوچستان ۾ به شروع ڪئي ويندي، موثر معاشي پاليسين جي ڪري ڪورونا جي باوجود ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، 17 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ ??لس آهي، گذريل چئن مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو، ڪورونا جي ٻي لهر سان پاڪستان ب?? متاثر ٿي رهيو آهي، حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. هو هتي ڏکڻ ضلعن جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪ??ي رهيو هو.
بلوچستان جي پسماندگي جو سبب ماضي جا حڪمران آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی