اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گورننس کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده شهرن کي سمارٽ شهرن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، گورننس، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ مصنوعي ذهانت ۽ ڊيٽا سا??نس استعمال ۾ آڻي زندگي جي معيار ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سمارٽ سٽيز پروگرام بابت اجلاس جي صدارت ??ندي ڪيو. اجلاس ۾ سا??نس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، هائير ايجوڪ??شن ڪم??شن جي چيئرمين ۽ آءِ ٽي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ دورا?? ٻڌايو ويو ته سمارٽ شهرن جي جوڙجڪ لاءِ ماهرن جي هڪ ٽيم جوڙي وئي آهي، خصوصي شعبن ۾ تحقيق ۽ ترقي لاءِ قومي مرڪز قائم ڪيا ??يا آهن. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته قومي مرڪزن سان مصنوعات جي چرپر جي موثر نظام، ڏوهن جو پتو لڳائڻ ۽ سا??بر ڏوهن جي جاچ ۾ مدد ملندي. نائيجيريا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ تي نيشنل ريڊيو ٽيلي ڪميونيڪ??شن ڪارپور??شن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي آهي.
گورننس کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده شهرن کي سمارٽ شهرن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ