اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل خالد جاويد خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ اٽارني جنرل وزيراعظم کي مخت??ف عدالتي معاملن، انصاف جي نظام جي حوا??ي سان جاري سڌارن ۽ ”واٽر ڪميشن رپورٽ“ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان واٽر ڪميشن رپورٽ جي حوا??ي سان جسٽس شاهد ڪريم جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڻي جو مسئلو انتهائي اهم معاملو آهي، ان اهم قومي معاملي ۾ جسٽس شاهد ڪريم جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. وزيراعظم جسٽس (ر) علي اڪبر قريشي جي سربراهي ۾ واٽر ڪميشن رپورٽ جوڙيندڙ ٽيم جي ڪوششن کي به ??اراهيو. مخت??ف عدالتي مامرن ۽ جاري سڌارن تي ڳالهائين??ي وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته عدالتي ۽ انصاف جي نظام جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ عدالتي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوا??ي سان حڪومت عدليه کي هر ممڪن تعاون ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.
عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔