??او??پنڊي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آ??ِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان آمريڪي سينٽرل انٽيل??جن?? ا??جن??ي (سي آ??ِ اي) جي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آ??ِ ايس پي آر) مطابق ملاقات ۾ ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويو ته پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان خطي ۾ امن ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. آمريڪي عهديدار ان موقعي تي افغانستان جي صورتحال بشمول ڪامياب پرڏيهين جي واپسيءَ وارو آپريشن ۽ علائقائي استحڪام جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن هر سطح تي پاڪستان سان سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنز جي ملاقات، افغانستان جي صورتحال تي غور ويچار
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria